ڀرمي ڳوٺ واري درسگاهه

ڀرمي ڳوٺ واري درسگاهه: هيءَ درسگاهه ڳوٺ ڀرمي، تعلقي ۽ ضلعي شهدادڪوٽ ۾ مولوي محمد هاشم شهدادڪوٽيءَ قائم ڪئي هئي. مولانا محمد هاشم 1259هه/ 1843ع ۾ ڄائو، تنهنڪري اندازو آهي ته هيءَ درسگاهه 1290هه/ 1873ع کان 1300هه/ 1882ع واري ڏهاڪي ۾ قائم ٿي. اڳتي هلي هن بزرگ ڳڙهي ياسين ۾ به هڪ وڏيءَ درسگاهه جو بنياد رکيو. انهن ٻنهي درسگاهن مان هيٺين عالمن فيض پرايو: مولانا گل حسن ڪٽبار، مولوي عبدالله رتائي، مولانا محمد قاسم ڳڙهي ياسين وارو، مولانا جمال الدين صحبت پوري، مولانا ڪمال الدين سيوهاڻي، مولانا تاج محمد بلوچستاني، مخدوم غلام مصطفيٰ (سجاده نشين محمد پور شريف) مولانا عنايت الله آگرو، مولانا پير محمد وارهه، مولوي محمد حسن سجاده نشين درگاهه ڪٽبار (بلوچستان) وغيره.


هن صفحي کي شيئر ڪريو